شاهه حسين جو مقبرو

شاهه حسين جو مقبرو

شاهه حسين جو مقبرو

شاهه حسين جو مقبرو: هيءَ درگاهه پريالوءِ، تعلقي ڪنگري، ضلعي خيرپورميرس ۾ واقع آهي. درگاهه جو مقبرو ڳچ گاري ۽ ڪچين سرن سان تعمير ڪيل آهي، جنهن تي پيڙهه ۾ سائو ۽ باقي سفيد رنگ ٿيل ڏسجي ٿو. شاهه حسين لاءِ روايت آهي ته هيءُ بزرگ قلندر لعل شهباز جو سؤٽ هو. مستند تاريخي حوالي طور اهڙي معلومات جيتوڻيڪ ڪو نه ٿي ملي، مقبرو هڪ ڀيرو مسمار ٿيو، جنهن بعد ان جي هاڻوڪي عمارت پوءِ جي تعمير ڪيل آهي. هن وقت درگاهه جي چؤگرد آباديءَ ٿي وئي آهي، درگاهه جي قبي جي اڳ توڙي پاسن ۾ آڳنڌ آهي، جڏهن ته قبي جي چؤڦير ديوار جو احاطو پڻ ڏنو ويو آهي. مقبرو عام ڪمري جي طرز تي مستطيل چوڪور آهي، جنهن تي گنبذ وغيره ڪونهي، باقي پوئين حصي ۾ واقع حجري تي وڏو ڪوڻيءَ جو ابتو گل رکيو ويو آهي. مقبري جون ديوارون لسيون، رنگ ڪيل آهن، جن ۾ مهاڙي توڙي پاسي کان ونگائي درن ۾ چوڪاٺي سان دروازا لڳايا ويا آهن. مهاڙيءَ واري دروازي جي ٻنهي پاسن کان دريون آهن. چئني ڪنڊن تي ننڍڙيون برجيون ۽ انهن تي نيلون رکيل آهن. مقبري جي ڀر ۾ حجرو تعمير ڪيل آهي. جڏهن ته ڏکڻ طرف کان چئن ٿنڀن تي هڪ کليل ڪوٺي آهي، جنهن ۾ ڪجهه قبرون آهن.


لفظ شاهه حسين جو مقبروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو